سلمان خان ۽ قطرينا ڪيف هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا

 ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا قطرينا ڪيف ۽ دبنگ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا. سلمان خان ايندڙ فلم ڀارت جي تياري ۾ مصروف آهي، جيڪا وڏي بجيٽ واري فلم آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا پريانڪا چوپڙا اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي. ساڳي فلم ۾ بالي ووڊ بار بي ڊول قطرينا ڪيف جي به انٽري ٿي آهي. رپورٽن موجب فلم ڀارت ۾ پريانڪا چوپڙا سان گڏ قطرينا ڪيف پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. واضح رهي ته فلم ڀارت ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي، سلمان خان ۽ قطرينا ڪيف ان کان اڳ ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں