راجر فيڊرر جي ڪرڪيٽي صلاحيتن تي سچن ٽنڊولڪر حيران

لنڊن (اسپورٽس نيوز) سوئس ٽينس اسٽار راجر فيڊرر جي ڪرڪيٽ جي صلاحيتن کان اسٽار ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر به حيران رهجي ويواڳوڻي ڀارتي اسٽار ٽنڊولڪر پاڻ ٽينس جو شوقين ۽ فيڊرر جو ويجهو دوست آهي اسٽار ڪرڪيٽر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته فيڊر جي هٿن ۽ اکين ۾ ڪمال جي هم آهنگي آهي اسان کي هڪ ٻئي سان ٽينس ۽ ڪرڪيٽ جي مٽا سٽا ڪرڻ گهرجي، وملبڊن جي طرفان هڪ مختصر ويڊيو شئير ڪئي وئي جنهن ۾ فِيڊر ڊفينس شاٽ کيڏي رهيو آهي اها ويڊيو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي به ٽيگ ٿيل آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ جي چارٽ جو اسڪرين شاٽس شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ مذاق جي طور تي فيڊرر کي دنيا جو نمبر ون ٽيسٽ بيٽسمين قرار ڏنو ويو

اپنا تبصرہ بھیجیں