ايشين گيمز جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني عورت باڪسرز ميدان ۾ لهنديون

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني عورتون باڪسرز ايڪشن ۾ نظر اينديون، انٽرنيشنل ايونٽ جي تيارين لاءِ عورتون باڪسرز جو تربيتي ڪئمپ اسلام آباد ۾ جاري آهي.پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري ڪرنل ناصر ٽنگ مطابق هلندڙ مهيني انڊونيشيا ۾ کيڏي ويندڙ ايشين گيمز جي تيارين لاءِ مرد ۽ عورتون باڪسرز جون تربيتي ڪئمپ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ جاري آهي، جتي ڪوچز ٻن سيڪشن ۾ باڪسرز کي تربيت ڏئي رهيا آهن.هن ٻڌايو ته ايشين گيمز جي مينز ڪئٽيگريز جي تيارين لاءِ 18 باڪسر ڪئمپ ۾ شريڪ آهي ۽ ست ڪئٽيگريز 49 ڪلوگرام، 52 ڪلوگرام 56 ڪلوگرام 60 ڪلوگرام 64 ڪلوگرام 69 ڪلوگرام 75 ڪلوگرام ۾ پاڪستاني باڪسر ايڪشن ۾ نظر ايندا.ڪرنل ناصر ٽنگ وڌيڪ ٻڌايو ته ايشين گيمز جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتون باڪسرز به باڪسنگ رنگ ۾ نظر اينديون ۽ تربيتي سيشن ۾ 6 عورتون باڪسرز شريڪ آهن، جن ۾ رضيه بانو، ٿولا اطهر، مهوش عروج، حاديه ڪمال، رخسانه پروين، محمونه خان شامل آهن، جن مان ٽن ڪئٽيگريز 51 ڪلوگرام، 57 ڪلوگرام 60 ڪلوگرام ڪئٽيگري ۾ پاڪستاني عورتون نمائندگي ڪنديون.

اپنا تبصرہ بھیجیں