تامل ناڊو پريمئير ليگ: ابتدائي مئچ ۾ روبي وارئيرزز جي دلچسپ مقابلي بعد ڊنڊيگل ڊريگنس کي 4 وڪيٽن تان شڪست

ٽرانلويلي(اسپورٽس نيوز) تامل ناڊو پريمئير ليگ جي ابتدائي مئچ ۽ روبي ٽرڪي وارئيرز دلچسپ مقابلي بعد ڊنڊيگلن کي 4 وڪيٽين تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڊنديگلن ڊريگسن ٽلي ڪپتان ايشون ٽاس کٽي پهرين بيٽگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيوڊريگلسن پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽين جي نقصا تي 178 رنسون ٺاهيون، روهت 4، ڪپتان ايشُون 42 ۽ هري نشانٿ 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ايم ايس سجي لڪشي نارائين ۽ ڪماران 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو وگنيش ۽ سونو ياديو 1-1 شڪار ڪيو، جواب ۾ ٽرڪي وارئيرز گهربل هدف سخت مقابلي بعد 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، سريش ڪمار فقط 24 بالن ۾ 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 45 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڀرٽ شنڪر 39 ۽ سونوياديو30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا ڪپتان ايشون 2 رانديگرن کي پويلين موڪليوسريشن ڪمار کي مئچ  جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

اپنا تبصرہ بھیجیں