مني لانڊرنگ: زرداري ۽ فريال ايف آءِ آڏو پيش نه ٿيا، وڪيلن وسيلي جواب جمع، اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي

لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس بنا شڪ جي اسان جي فورس آهي پر ڪنهن جو حق نه مارڻ ڏينداسين ۽ جيڪڏهن پوليس گهر خالي نه ڪيا ته رينجرز کي مدد جي لاءِ گهرائينداسين.سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري گهرن جي غير قانوني الاٽمنٽ بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جي سڪس ۽ جي سيون جي فليٽن ۾ زلزلي متاثر آباد هئا، لال مسجد آپريشن جي لاءِ رينجرز کي فليٽن ۾ ترسايو ويو هو، رينجرز کان پوءِ اسلام آباد پوليس فليٽ وٺي ڇڏيا، هاڻ اسلام آباد پوليس جا اهلڪار گهر خالي ناهن ڪري رهيا، پوليس جي زمي 35 ڪروڙ مسواڙ رهيل اهي، عدالتي حڪم جي باوجود بجلي ۽ گيس جا غير قانوني ڪنڪشن جاري آهن، پوليس مسواڙ ڏئي ته 35 ڪروڙ ڊيم جي لاءِ فنڊ ۾ ويندا. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد پوليس فليٽ خريدڻ چاهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب حد هوندي آهي، پوليس اهلڪار غير قانوني طور تي رهيل آهن، جنهن جي لاءِ فليٽ بڻيا اُهي درخواستون وٺي قطار ۾ بيٺل اهن، ڇا سرڪاري ملازم سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪري سگهن ٿا. پوليس لال مسجد آپريشن  جي آڙ ۾ قبضو ڪيو. غير قانوني قبضو ڪندڙ گهر فوري طور تي واپس ڪن، پوليس بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي فورس آهي پر ڪنهن جو حق مارڻ نه ڏينداسين، 35 ڪروڙ  جون رهتون فليٽن تي قبضو ڪيل پوليس اهلڪارن کي ادا ڪرڻ پونديون، جيڪڏهن گهر خالي نه ڪيا ته رينجرز کي مدد لاءِ گهرائينداسين. ٻڌڻي دوران عورت پوليس اهلڪار اپيل ڪئي ته هو 22 سالن کان ملازمت ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين هن کي گهر جي الاٽمنٽ ناهي ٿي، ڀلي ڪچي آبادي ۾ ئي ڇو نه هجي پر گهر الاٽ ڪرائي ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آئون ته ڪچيون آباديون  پڪيون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان، عدالت پوليس اهلڪارن طرفان سرڪاري گهرن تي قبضي وارو معاملو 15 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں