پشاور ۾ ڌماڪو: اي اين پي اڳواڻ هارون بلور سميت 12 ڄڻا شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي ( اي اين پي) جي ڪارنر ميٽنگ دوران آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ بشير احمد بلور جي پٽ هارون بلور سميت12ڄڻا شهيد ٿي ويا. پوليس موجب آپگهاتي حملو پشاور جي علائقي يڪا توتو ۾ ان وقت ٿيو جڏهن هارون بلور ڪارنر ميٽنگ ۾ داخل ٿيو ۽ اسٽيج ڏانهن وڃي رهيو هو ته آپگهاتي حملي آور کيس نشانو بڻايو. پي ڪي 78 تان اي اين پي جي اميدوار هارون بلور جي وارثن سندس شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. آپگهاتي حملي ۾ 12ٻيا ڄڻا شهيد ۽ هارون بلور جي پٽ دانيال بلور سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال اماڻيو ويو آهي. آءِ جي بم ڊسپوزل شفقت ملڪ آپگهاتي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان ۾ سٺي معيار جي بارود استعمال ڪيو ويو آهي. پوليس موجب آپگهاتي حملي آور ڪارنر ميٽنگ ۾ پهرين کان موجود هو ۽ هن ڌماڪو ان وقت ڪيو جڏهن هارون بلور جي آمد تي آتشبازي ڪئي پئي وئي. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي چڪا آهن جڏهن ته علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي. ياد رهي ته هارون بشير بلور جو پٽ آهي جيڪو 22 ڊسمبر 2012ع تي هڪ حملي دوران شهيد ٿي ويو هو. ٻئي پاسي نگران وزير اعظم ناصر الملڪ ۽ ٻين ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي اڳواڻن پشاور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اي اين پي جي ڪارنر ميٽنگ ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ملڪ دشمن عنصر دهشتگردي سان پاڪستان ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته وطن کي دهشتگردي کان محفوظ ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي، پيپلز پارٽي دهشتگردي جي شڪار هر پاڪستاني سان گڏ بيٺل رهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جا دشمن دهشتگردي جي ذريعي ملڪ ۽ جمهوريت تي حملي آور آهن. هوڏانهن چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته حملو سيڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري آهي. هن چيو ته حملا شفاف اليڪشن جي خلاف سازش آهن، سمورن اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سردار محمد رضا چيو ته صوبائي حڪومتن کي اميدوارن جي فول پروف سيڪيورٽي جو حڪم ڏنو وڃي. ڌماڪي جي مذمت ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته سياسي اختلاف به سخت ڇو نه هجن اهڙي قسم جي واقعن جي ڪا به گنجائش ناهي. سندس چوڻ هو ته واقعي جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو ته خالي هٿين ماڻهن جي رت سان هٿ رڱڻ وارا انسان چورائڻ جا حقدار آهن، واقعي جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں