آءِ سي سي پاران ٽي –20 ريڪنگ جاري، فخر زمان ٻي پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسٽار اوپنر فخر زمان جي رينڪنگ ۾ بهتري 44 درجن وڏي اڏام ڀريندي ٻئي پوزيشن تي پهچي ويو. ٽي ملڪي ٽي سريز ۾ شاندار ڪارڪرگي ڏيکارڻ جو انعام فخرزمان کي رينڪنگ ۾ وڏي ترقي جي صورت ۾ مليو آهي. سريز دوران ڪيريئر بيسٽ 91 رنسن جي اننگز سميت 278 رنسون ٺاهيندڙ فخرزمان 43هين نمبر تان وڏي اُڏام ڀريندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي . سريز دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اننگز کيڏندڙ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ 3 درجا بهتري سان گڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڀارتي بيٽسمين لوڪيش راهول ٽئين، ڪولن منرو چوٿين،  بابر اعظم پجين، ميڪسويل ڇهين، ايون ليوس ستين، مارٽن گپٽل اٺين نمبر تي هليا ويا آهن، ايلڪس هيلز جي نائين پوزيشن برقرار آهي جڏهه ڊارسي شارٽ ترقي ڪندي ڏهين نمبر تي اچي ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں