تامل ناڊو پريميئر ليگ 2018ع جو ميلو سڀاڻي سجندو، ابتدائي مئچ ۾ ڊنڊيگل ڊريگنس ۽ روبي واريئرز مدمقابل

ٽرنويلي(اسپورٽس نيوز) تامل ناڊو پريميئر ليگ 2018ع جو آغاز سڀاڻي ٿيندو. آءِ پي ايل طرز تي ان ليگ جو بنياد 2016ع کان رکيو ويو جنهن ۾ ڪل 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. پهرين 2016ع ۾ ٽائيٽل جي فاتح ٽوٽي پيٽرياٽس رهي چڪي جنهن فائينل ۾ چيپوڪ سپر گليز کي 122 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل ماڻيو هو. 2017ع جي چيمپيئن چيپوڪ سپر گليز رهي جنهن ٽيٽي پيٽرياس کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي حساب برابر ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. پريميئر ليگ 2018ع ۾ ڊنڊيگل ڊريگنس، روبي ٽرڪي وائيرز، مدورائي پينٿرز، چيپوڪ سپر گليز، ٽوٽي پيٽرياس، ڪانچي ويرانس، لائيڪا ڪووائي ڪنگز ۽ ڪرائيڪڍي ڪالائي سميت ساڳيون 8 ٽيمون ايونٽ ۾ شامل آهن. چيپوڪ سپر گليز پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ايونٽ ۾ ڪل 28 ليگ مئچون کيڏيون وينديون. 11 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ايونٽ ۾ 12 آگسٽ تائين ڪواليفائر 1، ايليمينيتر، ڪواليفائر 2 ۽ فائينل سميت ڪل 32 مئچون کيڏيون وينديون. ليگ جي ابتدائي مئچ ۾ ڊنڊيگل ڊريگنس ۽ روبي واريئرز سڀاڻي پاڪستاني وقت مطابق 6:45 وڳي شام جو مدمقابل ٿينديون. ليگ جو فائينل 12 آگسٽ تي کيڏيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں