سنڌ ۾ مني لانڊرنگ وسيلي 35 ارب رپيا ٻاهر موڪليا ويا، آصف زرداري لڪي ويٺو آهي: عمران خان

سکر /شهداد ڪوٽ/ اسلام آباد(بيورو+ مانيٽنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ جا 35 ارب رپيا ٻاهر منتقل ڪيا ويا، آصف علي زرداري لڪي ويٺو آهي ن ليگ ۽ پ پ ڪرپشن لاءِ اقتدار ۾ اينديون آهن مال ميڙڻ لاءِ ميثاق جمهوريت ڪيو هن اهڙي اظهار سکر ۽ شهدادڪوٽ ۾ جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو، عمران خان چيو ته نواز شريف 600 ڪروڙ روپي جي محل ۾ رهندو آهي ايندڙ اليڪشن ۾ زرداري کي شڪست ڏينداسين، سنڌ واسين کي گندو پاڻي پئياريو  پيو وڃي، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف وارا وٺندا آهن، سنڌ جا 35 ارب روپيا  پوري ڪري ٻاهر موڪليا ويا، هاڻي زرداري لڪي ويو آهي هن چيو ته شهباز اينڊ سنز ڪمپني ملتان ۾ ميٽروبس رٿا ۽ ڪرپشن ڪئي، 10 سال اڳ ملڪ تي 6 هزار ارب قرض هو جيڪو وڌي 60 ارب ٿي ويو آهي ڊالر 125 رپين جو ٿي ويو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري هڪ ٻئي کي چور چوندا هئا ۽ وري پاڻ ۾ ملي ويا سنڌ ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي هارين جو پاڻي بند ڪيو ويو آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ سنڌ جي عوام تي تمام گهڻو ظلم ڪيو آهي  ٻئي طرف ) تحريڪ انصاف عمران خان چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو عزم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي غير سياسي بڻائي، ادارن کي مضبوط ڪيو ويندو، عوام تي سيڙپڪاري، نوڪريون، تعليم، گهر ۽ صحت جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾چونڊ منشور پيش ڪندي عمران خان پاڪستان جي مسئلن جو ڪو آسان حل ناهي، اسان جو ويزن آهي ته  ته اسان ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائينداسين، ايندڙ حڪومت لاءِ معيشت وڏو چئلينج هوندو، اسان گورننس سسٽم ۾ تبديلي سان جدت آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته ڪو نه سمجهي ته اسان منشور کي سولائي سان لاڳو ڪنداسين، اسان کي پنهنجي ئي منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ روينيو گڏ ڪرڻ جو نظام ئي ناهي، اهو به هڪ چئلينج آهي ته پسئو ڪيئن گڏ ڪرڻو آهي تنهن ڪري ايف بي آر ۾ سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن.عمران خان چيو ته جيڪڏهن پئسو گڏ ڪرڻو آهي ته ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. هن چيو ته  هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا ته سندن ٽيڪس حڪمرانن جي لائف اسٽائل تي ضايع ٿي رهي آهي، اسان حڪمرانن جي عياشي ختم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عوام جي ٽيڪس جو پئسو عوام تي ئي خرچ ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته ماڻهن کي جڏهن پڪ ٿي ويندي ته پئسا مٿن ئي خرچ ٿيندا ته قوم ٽيڪس ڏيندي.  هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ۽ ادارا تباهه ٿي ويا آهن، 10 ارب ڊالر هر سال پاڪستان کان ٻاهر ويندا آهن، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته بيروزگاري جي خاتمي لاءِ هڪ اسڪيم آندي ويندي، جنهن تحت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، پنجن سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهيا ويندا جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں