عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛

عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛

احمد علي نوناري ،

ھڪڙو اھڙو زمانو به هيو جنهن ۾ عام چونڊون ،  ايڪشن يا ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو ڪو به رواج نه هو  يا ان جي ڪا ضرورت به محسوس نه ڪئي وئي البت جڏھن جاگيرداري دور هيو ۽ ننڍيون وڏيون بادشاهتون قائم هيون ته ان وقت به رياست جا انتظام سنڀالڻ ۽ اقتدار هلائڻ لاء مٿين طبقي سان واسطو رکندڙ اميرن ، اشرافيا ، ۽ مذھبي پيشوائن جي ڪائونسل جوڙي ويندي هئي جيڪا ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو اختيار صرف پاڻ وٽ ئي رکندي هئي ۽ رياست جا انتظام ۽ اقتدار خود سنڀاليندي هئي، پر ان سڄي اٿل پٿل ۾ عام ماڻھو جنتا ۽ خاص ڪري عورتون ووٽ ڏيڻ کان بي اختيار هيون ۽ کين ڪا راء ڏيڻ جو به اختيار نه هو۔

برحال اهو ٿيو اوائلي دور اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ به بريصغير جي ورهاڱي کانپوء چونڊن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاست کانپوء لاڳيتو جاري آھي، اليڪشني سياست ۾ سياسي جماعتون ۽ انهن جي پليٽ فارم تان اميدوار يا آزاد اميدوار چونڊ عوام جي ووٽ جي طاقت سان عوام جي ووٽ جي آسري ئي چونڊ وڙھندا آھن ۽ چونڊجي اچڻ کانپوء ملڪي اسيمبلين ۽ اعلي ايوانن تائين پھچندا آھن۔

پاڪستان ۾ 70 ع جون عام چونڊون 85ع جون غير جماعتي چونڊون 1988ع 1993ع ، 1997ع ، 2002ع، 2008ع ، ۽ 2013 ع وارين عام چونڊن ۾ پاڪستاني عوام اميدوارن وارن ووٽ ڏيندو آيو آھي ۽ ڪجھ تجربو به رکي ٿو ته ڪھڙي اميدوار جو ڪھڙو مزاج آھي پر وري به ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کان اڻواقف به آھي ۽ ووٽ کي ايئين معمولي سمجهي ٿو۔

خاص ڪري جڏھن سنڌي سماج جو گهرائي سان جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي ته اڪثريت رکندڙ عوام کي ووٽ جي اهميت ۽ طاقت بابت ڄاڻ ئي ناهي کين اها به خبر ناهي ته ووٽ آھي ڇا ۽ ووٽ ڇو ڏجي ڪنهن کي ڏجي ۽ ووٽ ڏين سان يا نه ڏين سان ڪھڙو فرق پوندو ؟

سنڌ جي اها بدقسمتي چئجي جو جتي سنڌ جو وڏيرو ، مير ، پير ، ڀوتار ، سردار موقعي پرست مفاد پرست ۽ ويڪائو ته آھي ئي پر سنڌ جو مڊل ڪلاس به گهڻو تڻو مفاد پرست موقعي پرست ۽ لالچي رهيو آھي قومي ۽ اجتماعي مفادن بجاء زاتي ۽ انفرادي فائدن لاء وڏيراشاهي ۽ ڀوتارڪي شقنجي ۾ جڪڙيل رهيو آھي پر گهٽ سياسي شعور تعليم جي اڻاٽ ان جا سبب رهيا آھن ۔

گھڻن اٻوجھ ۽ نادان ماڻھن جو اهو خيال آھي ته ووٽ مرشد جي امانت آھي ۽ ووٽ مرشد کي ۽ ان جي چوڻ تي ئي ڏبو جيڪڏھن ووٽ مرشد جي چوڻ تي نه ڏبو ته پوء مرشد جا نافرمان ٿي پونداسين ۽ جيڪڏھن هي ڌنيا سوارڻي آھي ته ووٽ مرشد کي ئي ڏبو ، وري ڪجھ ماڻھن جواهو خيال آھي ته ووٽ اسان جي ڀوتار جي امانت آھي ۽ جيڪڏھن ووٽ نه ڏنو ته اها خانداني نافرماني ٿي پوندي ڀلي اسان کي ڀوتار ڪجھ به نه ڏئي پر ووٽ ڀوتار جو آھي ، اتي وري جيڪا وڏي جهالت واري سوچ آھي ته ووٽ ڀٽي صاحب جو قرض آھي ۽ ووٽ ڏئي ڀٽي صاحب جو قرض لاهيون ، چوڻ جو مقصد ته اسان جا ووٽر حضرات به پهنجي پهنجي سوچ ۽ عقيدي مطابق ورهايل آھن جنهن جو نقصان کين کي ئي ٿيندو رهيو آھي۽ ان جو ڀرپور فائدو ڀوتار وٺي رهيا آھن۔

سنڌ جي ڀوتارن وڏيرن سردارن جي اها هميشه سازش رهي آھي ته سنڌ جي عوام کان تعليم کان محروم ڪيو وڃي ۽ اونداهي جي گارن ۾ دڪيو وڃي ته جيئن سنڌين جي سوچڻ ٻ سمجهڻ جي سگھ ختم ٿي وڃي ۽ اسان جا دائمي غلام بڻجي وڃن ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن تعليم هوندي ته شعور هوندو ۽ شعور هوندو ته سياسي ۽ زهني سجاڳي پيدا ٿيندي جيڪا ڀوتارڪي نظام کي قابل قبول ناهي تڏھن ئي ته سنڌ جا اڪثر ننڍا وڏا اسڪول ، ڪاليج ڀوتارن جون اوطاقون ۽ واڙا بڻيل آھن ۔

اسان وٽ اهو به الميو رهيو آھي ته سڄي پاڪستان جيان سنڌ ۾ به سياست تي موروثيت جو راڄ پئي رهيو آھي ۽ اھڙي طرح سنڌ م به ڏاڏي کانپوء پٽ ۽ ھاڻي وري پوٽو اسيمبلي ۾ چونڊجي اچڻ جو رواج آھي ۽ هن ڀيري به نوي سيڪڙو تڪن تي صورتحال اھڙي ئي آھي باقي 10؛سيڪڙو اهڙا اميدوار آھن جيڪي هيٺين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هوندا، ۽ زور ۽ دٻدٻي بدران پارٽي جي ڏڍ تي کٽي اسيمبلي ۾ پھچن ٿا۔

سنڌ جي مٿان حڪمراني ڪندڙ پارٽي توڙي وفاق سنڌ جي عوام کي بکن ڏکن ۽ تڪليف کانسواء ڪجھ به نه ڏنو آھي اڄ به هزارين نوجوان نوڪرين ۽ روزگار کان محروم آھن ۽ پريشان آھن ڪيترن نوجوانن غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي پهنجي جيون جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو۽ ڪيترن نوجوانن پهنجيون ڊگريون سالن تائين نوڪرين جو انتظار ڪندي آخر ڪار تنگ ٿي ساڙي ڇڏيون۔

سنڌ جو عوام ڪراچي کان ڪشمور تائين اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آھي ، اڄ به اڪثر هنڌن تي روڊ ٽٽل آھن ۽ زبون حال آھن اڪثر صحتمرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ، هزارين اسڪول اڄ به بند ڇتين کان محروم ڪيترائي علائقا پيئڻ جي صاف پاڻي کان وانجهيل آھن۔

سو اڄ جي جديد دور ۾ سنڌ جو عوام مڪمل طور تي بنيادي سهولتن جي پورائي ۾ پريشان آھي سموري سنڌ پاڻي جي رادو کوٽ منهن ڏئي رهي آھي جنهن سان سنڌ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آھي، ڌھشتگردي ۽ بيرزگاري جو راڄ قائم آھي جنهن تي سنڌ جي حڪمران طبقي توڙ وفاقي حڪمرانن ڪڏھن به ڌيان ڏين جي زحمت نه ڪئي آھي۔

پر جڏھن اڄ اليڪشن ويجهو اچڻ سان اهي ڀوتار وڏيرا پههنجي وڏين گاڏين ۾ پهنجي تڪن ۾ ظاهر ٿي رهيا آھن ۽ سالن کان مري ويل ماڻھن جون عضر خواهون ڪرڻ لاء عوام جي ڌر تي وڃي رهيا آھن پر هي ڪا پهرين اليڪشن ناهي ۽ نه اهو ڪو ڀوٿارن جو انهن گهرن ۾ اچڻ پهريون دفع آھي هو ته هر بار ايئن ڪندا آھن اليڪشن وقت اٻوجھ ۽ سادن ماڻھن جي ويجهو اچي ويندا آھن ايئن لڳندو آھي ته اهي اسان مان آھن پر جڏھن ووٽ ملي ويندو آھي ته اوڏانهن هليا ويندا آھن جتي اسان جي ڪوڪ به انهن تائين پهچي نه سگهندي آھي هو پهنجي عاليشان بنگل  ۽ ۽ مزي واري زندگي ۾ مصروف هوندا آھن ۽ اسان انهن جي راھ تڪيندا رهندا آھيون پر اسان کي خبر ئي نه پوندي آھي ته هو ڪٿي آھن ؟ پر انهن کي اسان جي غمن جي سڀ خبر هوندي به هو اسان جي ويجهو ناهن ايندا۔

اڄ ڀوتار سردار مير  ۽ وڏيرو جيڪا عوام جي ويجهو اچڻ جي اداڪاري  ڪنٿا اها به انڪري جو ڀٽو صاحب کين اهو سيکاري ويو آھي ته طاقٿ جو سرچشمو عوام آھي ڇو ته ڀٽو صاحب ووٽ جي طاقت ۽ اهيت کان وقف هيو اگر ڀٽو صاحب هنن کي ايئن نه چوين ها ته ڀوتار ۽ سردار انهن گهرن ۾ ڪيئن اچن ها جتي اڄ هو داخل ٿيڻ وقت پهنجو ڪنڌ شرم کان هيٺ ڪري پهنجي ٽوپيڀبچائيندي داخل ٿين ٿا اڄ ڀوتار نه چاهيندي به مظلوم عوام وٽ اچي رهيا آھن ته اها ووٽ جي طاقت ۽ اهميت ئي آھي جنهن طاقت کي سنڌ جي عوام کي سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهرجي۔

جديد دور ۾ سنڌ جا ماروئڙا درد جي شام ۾جي رهيا آھن اھڙي شام جيڪا ڪڏھن نئين سج ۾ تبديل ٿيندي ڪا خبر ناهي پر انهن تي هڪ وري نئين درد جي شام مسلط ڪرڻ لاء وڏيرا جاگيردار ، پير مير ، ملا مڙيمٺ ٿي رهيا آھن ڇاڪاڻ ته انهن کي مظلوم عوام جي ووٽ جي خبر آھي ته اهو ووٽ اسان کي اعلي ايوانن ۽ سيمبلي تائين پهچائيندو پر اقتدار تائين پھچڻ کانپوء اهي ڀوتار عوام کان صفا ڪٽجي وڃن ٿا ۽ اسيمبلي ۾ انهن جي حقن لاء ھڪ لفظ به نٿا ڳالهائن ۽ عوام به گهٽ شعور ۽ ووٽ جي اهميت بابت ڄاڻ نه هئڻ سبب وري انهن ساڳين ڀوتارن کي ئي ووٽ ڏئي ٿو ۔

سنڌ جو وڏيرو ڀوتار موسمي ڏيڏر جيان آھي جيڪو هر وقت پهنجو رنگ بدلائيندو رهي ٿوڀوتار ۽ وڏيرا هر دور ۾ اڀرندڙ سج جا سلامي رهيا آھن ۽ اهو ڀوتار غريب مظلون عوام جو آواز ۽ سهارو ڪيئن بڻبا ؟

سنڌ ۾ هي جيڪو وقت هلي رهيو آھي ان ۾ هر ڪو پهنجي مفادن خاطر پارٽيون بدلائي رهيو آھي ۽ اقتدار جي لالچ ۾ پهنجيون ساسي وفاداريون مٽائي رهيو آھي۔

هن وقت اهو جيڪو جوڙ توڙ جو سلسلو ۽ گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول آھي ان م نقصان وري به غريب مظلوم ماروئڙن کي ٿيندو ڇو ته وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻھو ڀل ڪھڙي به پارٽي ۾ هجي پر سندس سوچ غريب عوام سان همدردي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ماڻھن سان هر ڏک سک ۾ گڏ بيھڻ ۾ تبديل نه ٿيندي۔ حقيقت ۾ هي دور اونداهي  جو دور ناهي بلڪي سجاڳي وارو دور آھي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانپوء سوشل ميڊيا جي متحرڪ ڪردار چڱن ڀلن کان پگهر ڪڍي ڇڏيا آھن اڳ ۾ جن ادارن ۽ج شخصيتن  خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ مشڪل هوندو هو اڄ سوشل ميڊيا تي انهن تي مڪمل جر پئي ٿي۔

هن ڀيري سنڌ جي عوام کي به پهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايجنڊا جوڙين جنهن تحت ئي اميدوارن کي ووٽ ڏين هن ڀيري سموري نه ته ڪجھ تڪن تي مڊل ڪلاس جا اميدوار چونڊ وڙھي رهيا آھن جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سان واسطو رکندڙ ايس يو پي وغيره جا پورهيت اميدوار بيٺل آھن ۽ اھڙن اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن جيڪي باشعور باڪردار پڙھيل لکيل هجن جيڪي عوام جي ڏکن سکن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي سگھ رکن ، اھڙي اميدوار کي ووٽ ڏجي جيڪواسيمبلي ۾م عوام جي حقن جو تحفظ ڪري سگهي ، جيڪو ترقي پسند ۽ روشن خيال هجي جيڪو طبقي فرق جي خاتمي جي ڳالھ ڪندو هجي اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏجي  جيڪو طاقت جو سرچشمو صوبيدار کي نه بلڪ عوام کي سمجهي اهڙو اميدوار چونڊجي جيڪو عوام جو خادم بڻجي عوام جي خدمت ڪري، جيڪو پنهنجي حصي جا وسيلا ۽ فنڊ سموري تڪ جي شھرن ۽ عوام جي ڀلائي لاء خرچ ڪري ، جيڪو عوام کي اسپتالون اسڪول ڪاليج ۽ صاف پيئڻ جو پاڻي سو سيڪڙو فراھم ڪري سگهي ۽ پهنجي تڪ جي عوام کي بنيادي سهولت مهياڪري ته اھڙي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري هر تڪ ۾اھڙي سطح جو اميدوار جي چونڊجي اچڻ سان سنڌ سنوارڻ جو خواب پڻ ساڀيان ٿي سگهي ٿو نه ته وري ڳالھ اها ساڳي بيهندي ته ساڳيان لاٽون ساڳيا چگھ۔

اپنا تبصرہ بھیجیں