ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟

ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟
غلام مصطفي جمالي

منهنجي خيال ۾ اِها سوچ اهڙن شڪست خورده ماڻهن جي آهي جيڪي پاڻ مايوس آهن، جن ۾ ڪو اُتساه يا روح ناهي يا جن جو فائدو اِن ۾ آهي ته حالتون ائين ئي رهن ته سٺو جو ان ۾ ئي سندن مفاد آهي. اِن ڳالھ جو ٻيو سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو ته اهڙا ماڻهو يا ته بِنَھ معصوم ۽ سياسي طرح اڻ ڄاڻ ۽ بي سمجھ آهن يا ڄاڻي واڻي توهانجي اکين ۾ ڌُوڙ وجهي، توهانکي بيوقوف بنائڻ چاهين

جيڪڏهن توهان موجوده حالتن مان مطمئن ناهيو ۽ چاهيو ٿا ته حالتون تبديل ٿين ته اُن جا ٻه طريقا ٿي سگهن ٿا: هڪ ته اهڙي جاندار ۽ ڪرشماتي قيادت اچي جيڪا ماڻهن جي سوچ ۾ وڏو ٿرٿلو آڻي ڇڏي ۽ لکين ماڻهو ان جي پويان لڳي پون ۽ ٿوري وقت ۾ اهڙي تحريڪ ۽ قوت پيدا ٿي وڃي جنهن کي روڪڻ وقت جي حڪمران ڌُرين ۽ طبقن جي وَس ۾ نه هجي. اهڙي قيادت پيدا ڪرڻ ۾ اسان ۽ توهان جو ڪو هٿ نه هوندو پر اهو ضرور سوچڻ کپي ته اهڙا ڪرشماتي اڳواڻ يا ته ڪيترين ئي پِيڙهين کانپوءِ يا ڪڏهن ته صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. ان جي انتظار ۾ ويهڻ سان آئيندي جي ڪيترين ئي پيڙهين جي قرباني ڏيڻي پوندي. ان کانپوءِ حالتون ڪهڙيون ٿيون رهن، انجي ڪنهن کي به ڪا به خاطري ناهي

ان جو مثال توهان دنيا جي تاريخ مان وٺي سگهو ٿا. اهو ڏسو ته ڪارل مارڪس، لينن، مائوزيتنگ، فيڊل ڪاسٽرو، هو چي منھ ۽ چي گوارا جهڙا انسان اسانجي سانڀر ۾ يا تاريخ ۾ ڪيترا ڀيرا پيدا ٿيا آهن؟ هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀاش چندر ڀوس، گانڌي، نهرو، ابوالڪلام آزاد، امبيڊڪر، جناح ۽ ڀُٽي جهڙا اڳواڻ ڪيترا پيدا ٿيا آهن؟ انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو ۽ مصر ۾ جمال عبدالناصر کانپوءِ ڪيترا قدآور اڳواڻ پيدا ٿيا؟ اهڙا انسان وِرلي پيدا ٿيندا آهن. ڇا سنڌ جي سنگين صورتحال کي آڏو رکندي توهان ايندڙ ڪيترين پيڙهين يا صدين تائين اهڙي ڪنهن معجزاتي اڳواڻ جو انتظار ڪري سگهو ٿا؟ جي نه ته پوءِ ڇا ڪجي؟ تبديليءَ جو ٻيو ڪهڙو رستو بچي.

سوال ڦِري گِهري وري اِتي اچي بيهي ٿو ته پوءِ نيٺ ڇا ڪجي؟ سنڌ جون حالتون ابتر کان ابتر ٿي رهيون آهن. ماڻهن ۾ مايوسي آهي. معاشرو ڀڄي ۽ ٽُٽي پيو. سياسي، اقتصادي، معاشي، ثقافتي ۽ آباديءَ جي جوڙ جڪ جي لحاظ کان اهڙيون تڪڙيون تبديليون اچي رهيون آهن جن جي روڪڻ يا سُڌاري لاءِ ڪي تُرت قدم نه کنيا ويا ته بي پناه نقصان ٿيندو جنهن جو ڪاٿو به نٿو لڳائي سگهجي. سياسي راند يا حالتن کي جلد تبديل ڪرڻو پوندو ته جيئن فيصلي جي قوت ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ۽ چند ماڻهن جي هڪ هٽي، وڏيرا شاهي ۽ چوڌراهٽ ختم ٿئي

اها حقيقت سمجهڻ کپي ته گزريل ڪيترن سالن کان سنڌ تي يا ته غير جمهوري قوتون حڪومت ڪنديون رهيون آهن يا پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم قيو ايم. سنڌ جي تباهي ۽ موجوده بدترين صورتحال جون گهڻي ڀاڱي اِهي ٽي ڌُريون ذميدار آهن. فيصلا جيسيتائين انهن ٽنهي ڌرين جي هٿ ۾ رهندا ته ڪنهن به بهتريءَ جو امڪان ناهي. انهن ٽنهي ڌُرين جي اصل قوت مدي خارج وڏيرا شاهي، پير پرستي، ڪرپشن، اقربا نوازي ۽ دهشت گردي آهن. تبديليءَ لاءِ انهن بنيادن کي ڪيرائڻو يا ڪمزور ڪرڻو پوندو

مٿين ڳالهين کي نظر ۾ رکي، آءُ اهو نهايت اعتماد ۽ ڀروسي سان چئي سگهان ٿو ته حالتن ۾ تبديلي بلڪل ممڪن آهي ۽ ان لاءِ متبادل به موجود آهي. اُهو متبادل ٻيو ڪير نه پر توهان يعني ووٽر ئي آهيو. غير جمهوري قوتن جي اقتدار تي قبضي جا ڏينهن ته هليا ويا. هاڻي اهي پ م ل – ن، پ پ پ ۽ ايم قيو ايم جهڙين پارٽين کي استعمال ڪري، انهن تي رعب تاب رکي پنهنجو اثر رسوخ قائم رکن ٿيون. ٻئي پاسي پ م ل – ن، پ پ پ ۽ ايم قيو ايم وري جمهوريت کي ڏاڪو بنائي اقتدار ۾ اچن ٿيون يعني توهانجي ووٽن سان. مطلب ته اصل طاقت توهان وٽ ئي آهي. سوال اِهو آهي ته پنهنجي اُن طاقت کي ڪيئن صحيح ۽ ڀرپور نموني استعمال ڪجي ۽ پنهنجي آئيندي جا فيصلا پنهنجي هٿن ۾ وٺجن؟

ان سوال جي جواب لاءِ دنيا جي وڏين جمهوريتن ۾ وهنوار ڪيئن ٿو هلي، اُن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. جمهوريت جو مطلب اهو ناهي ته توهان ووٽ ڏئي، ڊِگهي تاڻي سمهي رهو. توهان اهو نه سمجهو ته ووٽ ڏيڻ کانپوءِ توهانجيون ذميداريون ختم ٿي ويون. هاڻي بس اجهو ٿيون کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهن. ائين ڪٿي به نٿو ٿئي. فرشتن جهڙيون جماعتون به ائين نه ڪنديون. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سڌريل ملڪن ۾ به ائين نٿو ٿئي. اُتي هڪ ته ميڊيا مضبوط آهي. ٻيو عام ماڻهو ۽ ووٽر به جمهوري عمل ۾ مسلسل شريڪ رهن ٿا. اُهي چونڊيل حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن تي گهري نظر رکن ٿا، پنهنجي نمائندن تي اهم فيصلن وقت فون، ٽويٽر ۽ اِيميلن ذريعي دٻاءُ جاري رکن ٿا ۽ ٽائون هال ميٽنگن ۾ به ڀرپور حصو وٺن ٿا. ووٽر اهو حساب به رکن ٿا ته سندن نمائندن ڪهڙن اهم مسئلن تي اسيمبلين ۾ ووٽ ڪيئن ڏنا. ايندڙ چونڊن ۾ انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن ٿا

ووٽرن جي سجاڳ هجڻ جي ڪري، انهن جا نمائندا به اِن ڳالھ جو خيال رکن ٿا ته ڪهڙي مسئلي تي سندن حلقن جي ماڻهن جو اڪثريتي رايو ڇا آهي؟ انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن ووٽرن جي خواهشن ۽ اُمنگن مطابق قدم نه کنيائون ته ايندڙ چونڊن ۾ کين ووٽ نه ملندا. پاڪستان ۾ اها ڳالھ ڪنهن حد تائين پنجاب ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اُن ڪري اُتي ترقياتي ڪم به نسبتن ڪجھ بهتر ٿين ٿا. سنڌ جي مانهن کي به سُجاڳ ٿيڻو پوندو. انهن جي سجاڳيءَ ۾ ئي قوم جي آئيندي جي ڀلائيءَ جو راز آهي. اسان جيترو جلدي اها ڳالھ محسوس ڪنداسين ايترو بهتر

جڏهن اسان اهو محسوس ڪيو ته اسان وٽ هاڻي ڪنهن معجزاتي ۽ ڪرشماتي اڳواڻ جي انتظار جو وقت ناهي ۽ جيڪي ڪجھ ڪرڻو آهي، اسانکي ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ اسانکي اهڙا طريقا سوچڻا پوندا جنهن سان ووٽرن ۾ جلد کان جلد سجاڳي پيدا ڪري سگهون ۽ انهن کي اهو سمجهائي سگهون ته معمولي مفادن تي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو آئيندو داو تي نه لڳائين ۽ نه رڳو پنهنجو ووت جو حق ضرور استعمال ڪن پر اُهو صحيح نموني به استعمال ڪن. اِن ڪم ۾ سياسي ڪارڪن، ڪالم نگار، پنهنجي ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڀلو چاهيندڙ سجاڳ ذهن، ليکڪ ۽ اسان ۽ توهان سڀ حصو وٺي سگهون ٿا. جيڪڏهن اڄ ئي ڪم شروع ڪيون ته سڀاڻي ڪجھ فائدو ٿيندو. پهرئين ڀيري جيڪڏهن گهڻو فائدو نه به ٿيو ته پوءِ به حڪومتي ڪارڪردگيءَ تي ضرور اثر انداز ٿي سگهبو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ضرور وڌيڪ فائدو ٿيندو. جڏهن نمائندن کي به اهو احساس ٿيڻ شروع ٿيندو ته ووٽر هاڻي رڍون ۽ ٻڪريون ناهن رهيا ۽ اُهي اسانتي نظر رکن ٿا ۽ ووٽ ڏيڻ مهل توڙي اهم مسئلن تي سوال جواب ڪن ٿا ته اُهي به لازمن پنهنجي ڪارڪردگي سڌاريندا. اِتان توهانجي ڪاميابي شروع ٿيندي. پوءِ اُهو وقت به پري نه رهندو جڏهن توهانکي پنهنجي پسند جا اڳواڻ به ملي وڃن. اهڙا اڳواڻ جيڪي قومن جون تاريخون بدلائي ڇڏيندا آهن

اِن لاءِ اِهو به ضروري آهي ته اهڙيون ننڍيون جماعتون جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڀلو چاهين ٿيون، اُهي پنهنجي ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي تربيت ڪن ۽ هڪ وڏي تحرڪ جي طرز تي جنگي بنيادن تي ڪم شروع ڪن. هاڻي عام ماڻهن کي ۽ سياسي ڪارڪنن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ٻيو ڪو رستو ناهي. نه ته توهان اهو ته ڏسو ئي پيا ته موجوده حڪمران ڪيئن انڌير نگري مچايو ويٺا آهن، ڪيئن ڪرپشن ۽ بدعنوانيون پيا ڪن ۽ ڪيئن پنهنجي وطن ۽ ماڻهن جي تباهي پيا ڪن. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اهو سڀ ڪجھ ختم ٿئي ۽ ڪي مثبت تبديليون اچن ته ٻين تي ڀاڙڻ بند ڪرڻو پوندو ۽ معجزن جو انتظار ڇڏڻو پوندو

غلام مصطفي جمالي کڏهروموري ضلع بدين

اپنا تبصرہ بھیجیں